اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن کي ساراهيندي چيو آهي ته ??ور?? قوم دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 15 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي سارا??يو. وزيراعظم آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي حفاظت ل??ءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن، مون سميت ??ور?? قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي فرض شناس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران زوب ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان