اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊ??ٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پو??ٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عب??د ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظهبي پو??ٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پو??ٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظهبي پو??ٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن خرم مرزا جڏهن ته ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپو??ٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ پاڪستان ايئرپو??ٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت پاڪستان پاران ڊ??ٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظهبي پو??ٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ ابوظهبي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي و?? پڻ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada