ڪراچي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته مادر جمهوريت بيگم ن??رت ڀٽو آمريت ?? جبر خلاف مزاحمت ۽ جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي. مادر جمهوريت بيگم ن??رت ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغ??م ۾ هن بيگم ن??رت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جمهوريت، انصاف ۽ برابري جي جدوجهد ۾ بيگم ڀٽو جون خدمتون ۽ قربانيون بي مثال آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان بيگم ن??رت ڀٽو کي سلام پيش ڪريان ٿو، جمهوريت لاءِ سندس بي لوث وابستگي، مسلسل چئلينجن جي باوجود سندس عزم ۽ حوصلو غير معمولي ورثي جو ثبوت آهي. بيگم ن??رت ڀٽو جمهوريت لاءِ قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد جي تاريخ بيگم ڀٽو جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري رهندي. هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ جي ياد پارٽي ۽ قوم ٻنهي لاءِ امي??، طاقت ۽ رهنمائي جي علامت رهندي.
مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آمريت ۽ جبر خلاف مزاحمت ۽ جمهوريت لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت