اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سط??ي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قوم?? جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستا?? جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀر??ندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌار?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀر??ندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيراعظم گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سط??ي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي سط?? ۾ اضافي سان درپيش خطرن تي اعليٰ سط??ي گڏجاڻيون“ ۽ ”امن لاءِ قيادت“ تي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آهي. وزيراعظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ عالمي سط?? تي گهربل قدمن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ عالمي اڳواڻ?? جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جي پروگرام ۾ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سمي?? ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سط??ي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيراعظم پاڪستا?? جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26-2025ع لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قوم?? جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرار?? جي روڪٿام، امن ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قوم?? جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو اظهار به ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada