ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. فيملي ذريعن مطابق سردار سرفراز چاڪر خان ڊوم??ي 10 ڏينهن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي جي ??اء?? هربيار ڊومڪي ??و چوڻ آهي ته سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو مڙهه ڪراچي کان لهڙي منتقل ڪيو پ??و وڃي، سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو واسطو پيپلزپارٽي سان هو جيڪو پي بي 8 سبي تان ڪامياب ٿيو هو. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو حصو رهيو آهي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وزير رهيو هو. اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سردار چاڪر خان ڊومڪي جي 2007 ۾ وفات بعد سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊ??و ويو هو.
بلوچستان جو صوبائي وزير سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد