اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ ??يو آهي ته نيازي فيض ڳٺ جوڙ ??ينگ جو مقصد پاڪستان ۾ 10 سالن جي پلان تي عملدرآمد ڪرڻ هو، جيڪڏهن ان جو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها ته پارليامينٽ مستقل طور تي ختم، اي وي ايم ذريعي دوکي تي ٻڌل چونڊون ۽ صدارتي نظام لاڳو ٿي چڪو هجي ها، ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ، ادارن خلاف منظم سازش ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي، 9 مئي جي سمورن ڪردارن لاءِ قانون پاڻ پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن ??يو ته منظم طريقي سان مهم هلائي ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. سياست جو ويس پائي اها پارٽي روزاني ملڪي مفادن خلاف بيٺل نظر ايندي آهي، آءِ ايم ايف کي قرض نه ڏيڻ لاءِ خط لکڻ، ايوان نمائندگان، برطانوي هائوس آف لارڊ ۽ هائوس آف ڪامن ۾ ان جا ماڻهو ويا ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن کان پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم نه رهيو ان کانپوءِ هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ پاڪستان کي نقصان نه پهچايو ويو هجي. هن ??يو ته پي ٽي آءِ جو رئوف حسن گرفتار ٿيو ته ان جي موبائيل مان اهم رابطا ظاهر ٿي چڪا آهن، ڪرن ٿاپر سان رابطو ڇو ڪيو هو؟ ??يو ويو ته رئوف حسن صحافي آهي ان جا صحافين سان رابطا آهن، اهوبلڪل صحيح ناهي هو ڪنهن به طرح صحافي ناهي. هن ??يو ته پاڪ فوج جي سربراهه خلاف جهڙي طرح زهريلي مهم ملڪ دشمن صحافين سان شيئر ڪئي اهو سلسلو نومبر 2022ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ منظم طريقي سان مهم هلائي وئي. هن ??يو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جنهن جي حفاظت پاڪ فوج ڪري رهي آهي. سپهه سالار تي اهو شخص بنا ثبوت جي پنهنجي راءِ ذريعي زهر اوڳاڇي ٿو. هن ??يو ته سائفر کان شروع ٿيل معاملو پرڏيهي پاليسي تائين ??ٺي ويو، اڃان به ان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي سفارتي طرح اڪيلو ڪيو وڃي ان جو هڪ ئي مقصد آهي ته ڪهڙي طرح اقتدار ۾ واپس اچي. هن ??يو ته پهرين ??يب نيازي ۽ هاڻي نيازي حميد ڳٺ جوڙ سامهون آيو آهي. هن ??يو ته فارن فنڊنگ ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿين??ي. ??اڪستان، پاڪ فوج، قوم، عوام، سياستدان برداشت نه ڪندا، هاڻي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پهرين ??نهنجو رويو درست ڪن، سياسي گنجائش گهرن ٿا ته پنهنجي روين کي به ٺيڪ ڪن. هن ??يو ته 9 مئي تي فالس فليگ آپريشن چوندڙ اهو ٻڌائين ته ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ، ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪري فوج مخالف بڻائڻ، پهرين گرفتاري ۽ پوءِ قوم کي بغاوت تي ڇو ڀڙڪايو ويو، 9 مئي جهڙو افسوسناڪ واقعو ٿيو ان ۾ شامل ڪردارن کي قانوني ڪارروائي مان گذرڻو پوندو. هن ??يو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي، دفاعي، پرڏيهي پاليسي، سفارتي محاذ تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪومت پنهنجون ڪوششون جاري رکن??ي. ??ن ??يو ته اسان تي اڱريون کڻڻ کان پهرين اڄ جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام کي ڏنل رليف ته ٻڌائين.اي پي پي/ر – م/ز – ج 21:22
نيازي فيض ڳٺ جوڙ گينگ جو مقصد پاڪستان ۾ 10 سالن جي پلان تي عملدرآمد ڪرڻ هو، جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها ته پارليامينٽ مستقل طور تي ختم، اي وي ايم ذريعي دوکي تي ٻڌل چونڊون ۽ صدارتي نظام لاڳو ٿي وڃي ها: بئريسٽر عقيل ملڪ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی