اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عن??رن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا??ين. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ۽ سزا يقيني بڻائڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. وزيراعظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي فوري طور ت سرڪاري خرچ تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي تعليم کي روڪڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عن??رن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا??ين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باصلاحيت ڌيئرن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر