مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان خودمختيار?? جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي ت?? نگران وزيراعظم آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي ت?? نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئ??. ان موقعي تي ڳالهائيند?? نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئل?? جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻت?? جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختيار?? جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئ??ده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت ک?? نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.
پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری