اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ بي?? المذاهب هم آهنگي جي لاءِ ڀرپور ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مسيحن سميت سمورن اقليتن کي اسلامي تعليم، قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان?? ۽ ??اڪستان جي آئين موجب هڪ جهڙا حق حاصل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بي?? المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ايوان صدر ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي، مذهبي معاملن ۽ بي?? المذاهب هم آهنگي واري نگران وفا??ي وزير انيق احمد، اسلام آباد ۾ مقرر غيرملڪي سفارتڪار?? ۽ ??سيحي برادري جي مذهبي پيشوائن سميت مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته رسول اڪرم ﷺ ۽ حضرت عيسيٰ عليه ??لس??ام جي امن جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪرسمس اهو ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته حضرت عيسيٰ عليه ??لس??ام امن جو عظيم پيمبر هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. هن چيو ته ڪو به مذهب انسانيت تي ظلم جي هرگز اجازت نه ٿو ڏي، دنيا مان ظلم جي خاتمي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ترقي يافته قمون دنيا ۾ ٿيندڙ ظلم تي خاموش آهن، غزه ۾ مسجدن ۽ گرجاگهرن کي پڻ نشانو بڻايو پ??و وڃي، هن دنيا تي زور ڏنو ته اها ظلم، ٽڪراءُ ۽ تشدد کان بچي ۽ رواداري کي فروغ ڏي. صدر چيو ته دنيا ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي رهي آهي. غزه ۽ ٻين علائقن ۾ معصوم شهرين کي قتل عام جو نشانو بڻايو پ??و وڃي، غزه ۾ هيستائين عورت?? ۽ ??ارن سميت 19 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مسيحي برادري جي مذهبي پيشوا پوپ ڪيترائي ڀيرا اهو مطالبو ورجايو ته ظلم کي ختم ٿيڻ گهرجي، اسلام انساني جان جي حرمت جو پرچار ڪري ٿو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ ۽ حضرت عيسيٰ عليه ??لس??ام پنهنجي پيروڪارن کي رواداري تي عمل ڪرڻ ۽ امن سان رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. صدر چيو ته مسيحي برادري به ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. اسان کي اتحاد ۽ ٻڌي کي فروغ ڏيڻ گهرجي، قائداعظم پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي چيو هو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيو?? ۽ ??لڪ ۾ سمورن مذهبن سان واڳيل ماڻهن کي پنهنجي عقيدن تي هلڻ جي آزادي هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ۾ مسلمان?? ۽ ??ين اقليتن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پ??و وڃي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته رياست مني پور ۾ تازو ئي 150 گرجا گهرن کي ساڙيو ويو. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ مذهبي معاملن ۽ بي?? المذاهب هم آهنگي واري نگران وفا??ي وزير انيق احمد چيو ته سمورن نبين پنهنجي تعليم جي ذريعي دنيا کي امن، سلامتي ۽ محبت جو پ??غام ڏنو. هن حضرت عيسيٰ عليه ??لس??ام کي محبت جو استعارو قرار ڏيندي چيو ته کيس مڃڻ کانسواءِ اسان جو ايمان نامڪمل آهي. مذهبي معاملن واري نگران وفا??ي وزير چيو ته بي?? المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي، سمورا مذهب امن ۽ رواداري جي ڳالهه ڪن ٿا. هن ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو ذڪر ڪندي چيو ته رياست مني پور ۾ مسيحن سان ٿيندڙ ظلم تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان کي جڙانوالا واقعي جي آڙ ۾ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي راولپنڊي/ اسلام آباد جي آرچ بشپ ڊاڪٽر جوزف ارشد چيو ته مسيحن پاڪستان ۾ امن جي فروغ ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي سميت ماڻهن جي سماجي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آرچ بسپ چيو ته ڪرسمس اسان کي ڀائيچاري ۽ امن جو پ??غام ڏي ٿو. هن چيو ته مسيحي برادري اڳتي به ملڪ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. بشپ آف لاهور نديم ڪامران ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ۾ چيو ته اسان کي دنيا کي امن ۽ سلامتي جو پ??غام ڏيڻ گهرجي. صدر تقريب ۾ ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو جنهن ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻارن ڪرسمس جي مناسبت سان گيت پڻ ڳايا. مرڪزي روايت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سينيٽر گرديپ سنگهه پڻ تقريب ۾ شريڪ ٿيا.
ملڪ ۾ مسيحن سميت سمورن اقليتن کي پاڪستان جي آئين موجب هڪ جهڙا حق حاصل آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد