اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي لي??ٽي??نٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيد ٿيندڙ لي??ٽي??نٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان ??هشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان ??ي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز