اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائيدار ??رقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ عالمي ترقياتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ??رقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ حصيدار ملڪن سان تعا??ن وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تي پهرين اعليٰ سطحي فورم کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو: ”ايڪو دي ڊيولپمينٽ ايجنڊا ۽ ڪال فار گلوبل ايڪشن“ جي موضوع تحت منعقد ان فورم جو انعقاد چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آئي ڊي سي اي) ڪيو. تقريب ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ سي پي سي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ يي، اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير چن گينگ ۽ سي آئي ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جي ماهرن ۽ ايگزيڪيوٽوز پڻ فورم ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي، موسمياتي تب??يلي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ انسانيت جي پائيدار ??رقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ ترقي جي نئين محرڪات کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ هڪ متفقه عالمي ريسپانس جي ل??ءِ عالمي ترقياتي تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ??رقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ حصيدار ملڪن سان تعا??ن وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ٺوس ۽ پائيدار ??المي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ عالمي ترقياتي قدم شروع ڪرڻ تي چين کي ساراهيو. جي ڊي آءِ جي ل??ءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي آءِ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي ل??ءِ چين سان گهڻ رخو تعاون جاري رکيو ويندو.
پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عالمي ترقياتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ