اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪل??ن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪل?? جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي قيادت ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ا?? مو??عي تي پارلياماني معاملن وار?? وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ا?? مو??عي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪل?? جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪل??ن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ايبٽ آباد پريس ڪل?? ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪل?? جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ا?? مو??عي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ايبٽ آباد پريس ڪل?? جي لاءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعلان تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايبٽ آباد جي صحافي برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي جا ٿورا مڃيا.
سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ