پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها دنيا ۾ پائيدار امن ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ جي لاءِ ح??مت عملي ۽ پاليسي تيار ڪري، جيڪ??هن اڄ عملي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت خطرناڪ هوندو، پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اربين ڊالر گهربل آهن، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اسان ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا، موسمياتي تبديلي جي ڪ??ي قدرتي آفتن سان ملڪي معيشت کي مشڪلاتون درپيش آهن، پاڪستاني قوم ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئين عالمي مالياتي معاهدي جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان اهم معاملي تي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي قيادت ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر ترقي ڪ??ي اهي ۽ هو پاڪستان ۾ پنهنجي تجربن کي عملي جامعو پارائڻ، نوڪريون ۽ روزگار فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڪ??ميابي جي ماڊل مان سکي صنعت ۽ زراعت کي فروغ ڏيڻ جا منتظر رهندا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪ??هن ڏکڻ مصيبت ۾ هجي ته دنيا اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. اسان هڪ جسم وانگر آهيون ۽ جيڪ??هن جسم جو هڪ حصو تڪليف ۾ هجي ته باقي جسم جي لاءِ به تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڪ??ي ٻوڏ کان متاثر ٿيو، ان سان اسان جو زندگي گذارڻ جو انداز متاثر ٿيو، 3 ڪروڙ 3 لک ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿيا، ڪيترن ئي ملين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، ٻارن سميت 1700 ماڻهو فوت ٿيا، 5 لک چوپايو مال لڙ??ي ويو، 20 لک گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو، ايتري وڏي پئماني تي نقصان ٿيڻ جي باوجود سمورين ڌرين ٺوس ح??مت عملي اختيار ڪئي، اسان کي سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي بحالي جي لاءِ اربين ڊالر جي ضرورت آهي، اسان وقت سر مدد تي دنيا خاص طور تي دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون ج??هن ته اسان پنهنجي وسيلن سان به ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي ج??هن ته وڌيڪ وسيلن جي لاءِ عالمي سطح تي پڻ رابطا ڪيا، اسان کي قرض وٺڻا پون ٿا جنهن سان اسان جي ملڪ تي قرضن جو بار وڌي ٿو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪ??ي شهرن جا شهر تباهه ٿي ويا، ڏورانهن علائقن ۾ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي تمام گهڻو مشڪل چئلينج هو، ڪجهه ملڪن جي حفاظت جي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي پر هزارين زندگين کي بچائڻ جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪري قرض وٺڻو پوي ٿو، اسان جا ماڻهو بهادر آهن، انهن ماضي ۾ به وڏن چئلينجز کي منهن ڏنو آهي ۽ موجوده چئلينجز مان بهادري سان نڪرندا. هن چيو ته پيرس ۾ تمام گهڻيون ڪارائتيون ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلي کان متاثر ملڪن جي لاءِ انصاف، شفافيت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان پاليسي جوڙڻي پوندي، جيڪ??هن اڄ عملي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت خطرناڪ هوندو.
عالمي برادري دنيا ۾ پائيدار امن ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ پاليسي تيار ڪري: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج