اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعتن کي سستي بجلي ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ توانائي جي م??س کي متنوع بڻائڻ جي ل??ءِ اسانجي تحفظ توانائي منصوبي جو حصو آهي، هي اهم منصوبو چين ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چشما پنج تي معاهدي تي صحيحون ان منصوبي جي تعمير طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان سسٽم ۾ 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعت کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي توانائي جي م??س کي متنوع بڻائڻ جي ل??ءِ اس??ن جي انرجي سيڪيورٽي پل??ن جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي مسلسل اعتماد ۽ اس??ن جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي ل??ءِ چيني قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، هي منصوبو 3.48 ارب ڊا??ر جي چيني سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو ويندو، 2017ع ۾ صحيحون ٿيڻ کانوءِ کان مهانگائي جي باوجود چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪوآپريشن منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو نه ڪيو پر هن منهنجي درخواست تي 750 ملين آر بي ايم (30 ارب رپيا) جي رعايت ڏني. هن چيو ته پاڪ – چين مضبوط ڀائيچارو وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي اهم منصوبو ان گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو.
چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز