مظفرآباد- 25 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزير??عظ?? چوڌري انوار الحق چيو آهي ته پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن، شهيدن جي عظيم قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد ف??ائ?? ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن جي ڀرپور مذمت ڪريان ٿو. يوم تڪريم شهدا جي موقعي تي خاص بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ڪيل حملن تي ڪشميري قوم کي ڳڻتي آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جا جانباز ايل او سي تي جانين جو نذرانو پيش ڪن ٿا ته اسان سڪون سان سمهون ٿا، هن چيو ته حديث مبارڪ آهي ته اسلامي سرحد جي هڪ ڏينهن جي نگهباني دنيا فاني ۽ ان جي سمورين شين کان مٿانهين آهي. آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? چيو ته آزاد ڪشمير جو ڪو به قبرستان اهڙو ناهي جتي ??نه?? شهيد جي قبر تي پاڪستاني جهنڊو نه ڦڙڪندو هجي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ڪشمير جي آزادي جي ض??من آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي اپيل آهي ته هو پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.
پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن: چوڌري انوار الحق
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری