اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساد??ي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا ن??رندا، فيصلن کي عوام ۾ پذيرائي ملي آهي، فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هون??ي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا ن??رندا، انهن فيصلن تي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي جڏهن ته ??وث?? نتيجن جو دارومدار قدمن تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزيراعظم ساد??ي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هون??ي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو خاص معاون محمد جهانزيب خان، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گ??ٽ ٻه ??ير?? منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔