اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه، اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي فرض شناس?? جو عمده مثال قائم ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته طوفاني ٻوڏ وهڪري ۾ ريسڪ??و جي عملي جنهن بهادري، مهارت ۽ دلير?? جو مظاهرو ڪيو آهي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شديد موسمي حالتن ۾ والدين پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان ذميوار?? جو مظاهرو ڪن، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته ڪو ح??دثو نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته راولپنڊي سميت سڄي ملڪ جي ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون اسلام آباد ٽيم جي مثال جي پوئلڳي ڪن، هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي. هي واقعو سڀني جي لاءِ مثال آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح ٽيم ورڪ، محنت ۽ بهادري سان ڪم ڪريون ته انشاءَ الله مشڪلاتن جي طوفاني وهڪرن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين. هن چيو ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ قومي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان پنهنجي اهل وطنن جي مدد ڪريو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي ڪورنگ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاٿل چئن ننڍن ٻارن کي بچائڻ تي ريسڪيو ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز