اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چي?? ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ه?? چيو ته پرڏيهي خط ۾ چيو ??يو ته وزيراعظم کي جيڪڏهن نٿو هٽايو ??ڃي ته پاڪستان کي سن??ين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو ??يو ??و، اپوزيش?? چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اسانکي ڪو دعوت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرايو ??يو ??ر اهي نه آيا، متحده اپوزيشن جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي استعمال کي ختم ڪرڻو هو، انهن جو مقصد نيب ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي جيستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چي?? ته اسانجون نون چونڊن لاءِ تياريون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇو آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خا?? چيو ته اسان گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، مهانگائي کي تسليم ٿا ڪريون?? معاملو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي معاملو رياست جو ٿي ويو آهي، پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿيڻ گهرجن. ه?? چيو ته روس رڳو بهانو آهي عمران خان نشانو آهي.
ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ