اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ??راهيم طحه چيو آهي ته مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين ??ي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري جو حق ڏيار?? جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 48 هين ??جلاس کي خطاب ڪندي هن فلسطيني عوام جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين ??ي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين ??ي زمينن تي قبضن، گهر?? جي مسماري، نسلي امتياز ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آه?? جيڪا لاڳاپيل عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي روڪ?? جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي سگهه ڏيون ۽ القدس شريف جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪر?? جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن تحت والاريل علائقي جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کي عالمي قانون?? جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين ??ي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ تي زور ڏنو. افغانستا?? جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪر?? جي لاءِ افغان عوام سان ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين ??راهيم طحه چيو ته او آءِ سي يم?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي يقين ??کي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏي?? جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي زور ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قوم?? جي قرارداد جي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.
مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو: او آءِ سي، سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن