ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) ??فغ??نستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان ??فغ??نستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ا??ار??تي اسلامي ??فغ??نستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته ??فغ??نستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل ??مل??رآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني امداد کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن ??فغ??ن شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو ا??ار??تي اسلامي ??فغ??نستان آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته ??فغ??نستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ??فغ??نستان کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ??يڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.
افغان پرڏيهي وزارت طرفان انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي راضپي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil