اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ پائيدار ??جلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ماضي ۾ قابل تجديد توانائي سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو ويو، مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ گردشي قرض تمام وڏا مسئلا آهن، توانائي شعبي جي گرفت ۾ پورو پاڪستان آهي، توانائي جي شعبي جي مسئلن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، مهانگي بجلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا مسئلا جنم وٺندا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ??ڪومت اقتدار ??نڀاليندي ئي انرجي سيڪٽر جي مسئلن تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ جامع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس قائم ڪيون ويون ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو ويو، رپورٽس جي روش??ي ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي ٿي ۽ گذريل ڏينهن بجلي جي شعبي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايم او يوز تي ??حيحون ڪيون ويون، گذريل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو. آءِ پي پيز سان ايم او يو تي ??حيح بجلي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊالر بدران پاڪستاني روپئي ۾ ڏني ويندي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي سهولت دستياب هوندي پر منافع جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بجلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي جنهن سان گردشي قرض جي مسئلي تي ??ابطو آڻڻ ۾ مدد ملن??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??اڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار ??هزاد قاسم به موجود هو.
عوام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں