اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان معاملن وا??ي پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال ڪري رهي آهي. وفد مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان معاملن پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال چي?? ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪري رهي آهي، ڀارت 70 سالن ک??ن والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان معاملن وا??ي وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روانو ڪيو.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش