اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ ??هر??ي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ ??هر??ي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته ات?? به اهڙو افسوسناڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ و??يراعظم ع??را?? خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي برادري ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي برادري کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ ??هر??ي.
عالمي برادري کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری