اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪ??ي ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 هزار 965 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي وي??، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪ??ي، انهن علائقن ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو مشورو آهي ته جيئن ته عوام گذريل 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، ماسڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي عملدر??مد ڪيو اهڙي طرح عيدالاضحيٰ دوران به اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان سان انتظاميا کي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورونا وائرس جي ڪ??ي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 83 ماڻهو فو?? ٿي وي??. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا وي?? جن ۾ سنڌ جا 9 هزار 317، پنجاب جا 7 هزار 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، اسلام آباد جا 2078، بلوچستان جا 505، گلگت بلتستان جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن