اسلام آ??اد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان روزاني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، جنهن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ڪورونا جي وبا جي خلاف ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز جهاد ڪري رهيا آهن، حڪ??مت انهن جي لاءِ خاص پئڪيج ڏيندي، ??نهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪ??ت عملي جوڙي ۽ بنا ڪنهن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي باوجود حڪ??مت ڪ??هن دٻاءُ ۾ نه آ??ي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪ??متي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ڪورونا جي متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پر ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا جواز تنقيد افسوس جوڳي آهي، ??خالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ڪورونا جي ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.
احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ آئون پاڻ نگراني ڪندس: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن