گڏيل قومن-28 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتيرس ڏکڻ قطب ويجهو واقع انٽارڪٽيڪا کنڊ کي خطرناڪ ديو قرار ڏيندي چيو آهي ته ماحول??ات?? تبديليون ان ديو جي جاڳائي رهيون آهن. انٽارڪٽيڪا جي دؤري تان واپسيءَ تي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ ۾ برف 1990ع جي ڏهاڪي ج?? شروعات جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ پگهرجي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ سال جي هن وقت ڏکڻ قطب تي عام طور تي ج??ڪو علائقو برف سان ڍڪيل هوندو آهي، هن وقت ان ايراضيءَ ۾ 15 لک چورس ڪلوميٽر گهٽتائي اچي چڪي آهي، جيڪا پرتگال، اسپين، فرانس ۽ جرمني ج?? گڏيل ايراضيءَ جي برابر آهي. هن چيو ته برف جي تيزيءَ سان پگهرجڻ جا اث?? ا??ٽارڪٽيڪا تائين محدود نه رهندا، ان جي نتيجي ۾ سمنڊ جي سطح بلند ٿيندي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ سامونڊي آبادين ۾ رهندڙن جون ح??ات??ون ۽ معيشت خراب ريت خطري ج?? شڪار ٿيندي. ان ۾ سڄي دنيا ۾ پکڙيل ننڍا ٻيٽ ۽ سامونڊي شهر پڻ شامل آهن. هن چيو ته انٽارڪٽيڪا ۽ ان جي ڀرپاسي پاڻيءَ جي چُرپر سڄي دنيا ۾ گرمي، غذائي شين ۽ ڪاربان کي ورهائي ٿي?? جنهن سان اسان جي آبهوا ۽ علائقائي موسمي ماڊلز کي منظم ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر ڏکڻ ماٺي سمنڊ جي پاڻيءَ جو گرمي پد وڌڻ ۽ ان جي ايراضيءَ ۾ گهٽتائيءَ سبب اهو نظام سست ٿي رهيو آهي، ان نظام ۾ وڌيڪ سستي يا ان ۾ مڪمل خرابي وڏي پيماني تي تباهيءَ جو سبب بڻجندي. ان خبردار ڪيو ته فاصل فيول جي استعمال ۾ گهٽتائي نه هجڻ جي صورت ۾ هلندڙ صديءَ جي آخر تائين زمين جو سراسر گرمي پد 3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن جا اثر تباهه ڪُن هوندا. انٽارڪٽيڪا ۽ـ گرين لينڊ ۾ برف جي گهٽجڻ سبب موسم جي شدت ۽ گرميءَ ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ڪوپ 28 ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻن کي سنجيدگيءَ سان ان سلسلي ۾ قدم کڻندا پوندا. هن تجويز ڏني ته ان مقصد لاءِ تجديد جوڳي توانائيءَ جي استعمال کي ٽيڻ تي ڪرڻو پوندو ۽ توانائي ج?? ڪارڪردگيءَ ۾ ٻيڻ ۽ 2030ع تائين سڀني لاءِ صاف توانائيءَ تائين رسائيءَ لاءِ عالمي معاهدو ڪرڻ گهرجي.
انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ ۾ برف جا تيزي سان پگهرجڻ جا نتيجا تباهه ڪُن هوندا: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ