بيجنگ -29 آڪٽوبر (اي پي پي) چي?? 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روا??و ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي ايم ايس اي) لين شي چيانگ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي، ته چي?? جيوڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 30 آڪٽوبر جي صبح جو 4 لڳي 27 منٽن تي لانگ مارچ- ايف 2 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي انسان بردار خلائي مشن شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روا??و ڪندو. هن چي?? ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. هن چي?? ته خلائي مشن شينزو-18 ذريعي ويندڙ خلائي اسٽيشن تي اڳ ئي موجود عملو 4 نومبر تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ان مشن ذريعي چي?? جي ڊونگ فينگ لينڊنگ سائيٽ تي واپس ويندو. ياد رهي ته شينزو 19 چي?? جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو