رياض -25 مارچ (اي پي پي) سعودي عر?? ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق چيو آهي، ت?? اهو سندس سعودي عر?? ۾ پهريون رمضان المبارڪ آهي ۽ تمام خوبصورت تجربو آهي. اردو نيوز مطابق هن چيو ته ان کان اڳ هو ڊنمارڪ ۾ هو ۽ هو اهو چئي سگهي ٿو ته سعودي عر?? م مسلمان ڀائرن سان گڏ رمضان المبارڪ گذارڻ هڪ مختلف ۽ سٺو تجربو آهي. هن چيو ته سعودي عر?? جون روائتون تمام خوبصورت آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هو مدينه منوره ويو ۽ مسجد نبوي ۾ افطار ڪيو جيڪو هڪ منفرد تجربو هو. هتي موجود ڪيترن ئي ??اڻهن مون کي پنهنجن دسترخوانن تي افطار جي دعوت ڏني. هن چيو ته ان ۾ ڪ??في محبت ۽ گرمجوشي محسوس ٿي، اها سعودي عر?? جي روائتي مهمان نوازي آهي. ان کان علاوه ماڻهو هن مهيني ۾ ضرورتمند ماڻ??ن لاءِ صدقو، خيرات ۽ زڪوات ڪندا آهن. کيس لڳي ٿو ته اهو پاڪستان ۽ سعودي عر?? ٻنهي ۾ گڏيل آهي. هن چيو ته سعودي عر?? ۾ رمضان المبارڪ جي تجربي جو خوشگوار احساس آهي ۽ پاڪستان ۾ پڻ ايئن ٿيندو آهي.
سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ خوبصورت تجربو آهي: پاڪستاني سفير
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ