رياض -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ فلسطين جي عوام سان سندن ??ق حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ بيٺل آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فلسطين جي صدر محمود ع??اس سان ٽيليفونڪ ڳال??ه ٻولهه دوران غزه ۾ فوجي ڇڪتاڻ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب فلسطين جي قوم جي امنگن ۽ مطالبن کي حاصل ڪرڻ ۽ هڪ منصفاڻي ۽ جامع ا??ن تائين پهچڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي. ان کا?? اڳ هن مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد مصر جي صدر سان ڳالهائيندي فلسطيني ۽ اسرائيلي ڌرين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان سبب شهرين جي حياتين کي درپيش وڏن خطرن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ خطرن تي ڳالهيون ڪيون. مصر جي صدارتي ترجمان چيو آهي، ته سعودي عرب جي ولي عهد سان ٽيليفونڪ ڳال??ه ٻولهه دوران هن نازڪ مرحلي تي تحمل کا?? ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ترجمان وضاحت ڪئي ته مصر ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايندڙ عرصي ۾ فلسطين مسئلي جي حوالي سان عربن جي ويزن جي تصديق لاءِ مشاورت ۽ هم آهنگي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اهو ويزن ٻه رياستي حل تي ٻڌل هڪ جامع ۽ منصفاڻي حل کي حاصل ڪرڻ جي چوڌري گهمي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آهي.
فلسطين جي عوام طرفان حق حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر