تل ابيب -09 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ چيو آهي، ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن، حماس اسرائيل تي حملي کان پوءِ 50 سالن تائين پڇتائيندو. اسرائيل جي اخبار ٽائمز آف اسرائيل مطاب?? دفاع واري وزير ڏکڻ اسرائيل جي اوفاڪيم علائقي جو دورو ڪيو جنن تي فسلطينين حملو ڪيو هو. اسرائيل جي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن ۽ حماس اسان جي جواب کي 50 سالن تائين وساري نه سگهندو. هن چيو ته ??زه جي پٽي ۾ اسرائيل جي جوابي ڪارروائي ايندڙ 50 سالن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ تازي رهندي ۽ حماس کي اها ويڙهه ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيندو. هن چيو ته جنگ جا اصول بدلجي چڪا آهن، ??زه جي پٽي جيڪا قيمت ادا ڪندي اها وڌيڪ هوندي. اسرائيل تصديق ڪئي ته ??زه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 اسرائيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ميڊيا رپورٽن مطابق ??زه پٽي ۾ 170 اسرائيلن کي يرغمال بڻاوي ويو آهي. واضح رهي ته ڇنڇر ڏينهن شروع ٿيل جنگ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ 700 کان وڌيڪ ??سرائيلي فوت ۽ 2200 کان وڌيڪ ??خمي ٿي چڪا آهن. اسرائيل جوابي ڪارروائي ڪندي ??زه پٽي خلاف وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 370 فلسطيني شهيد ۽ 2 هزار جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي چڪا آهن.
جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن، حماس کي ويڙهه شروع ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيندو: اسرائيل جو دفاع وارو وزير
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن