اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي ??لندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي مختلف منصوبن مان ??ست??يد ٿيندو ر??يو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به ??نساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ور??ڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستان جي سهولتي ڪردار تي ??ورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي ??زيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل