لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئ??. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ عوامي ڀلائي جي ترقيايت منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنجاب جي گورنر سان ملاقات ۾ پنجاب جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ڪشمير اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته تمام جلد متوقع اوورسيز ڪنوينشن ۾ ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستاني برادري نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪندي پر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ گهري دلچسپي رکي ٿي. پنجاب جي گورنر وزيراعطم کي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين ??يش ڪندي ڀونگ ۾ جاري مندر جي بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.
وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز