لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پ??ڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پ??ڻي جي ورڇ جو معاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو ??ما?? انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي گلوبل وارمنگ جا شديد خطرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، مخالف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا وبا ۽ پ??ڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اس??مبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ملڪي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري، اس??مبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2