سان يا – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چ??ن جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سميت پولٽ بيورو جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي معاونت پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. وزيراعظم صدر شي کي عوامي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون و??ائ?? جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن بر??درز آهن، ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ سال دوران انهن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. وزيراعظم ترقي جي لاءِ ايشيا کي وڌيڪ اوپ?? بڻائڻ جي صدر شي جي عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو