نيويارڪ – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته افغانستان جي عو??تن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ سخت رڪاوٽون درپيش آهن، ان باوجود انهن جي انتظام هيٺ ڪاروباري ادارا ٻين عو??تن لاءِ نوڪرين جا موقعا ??يدا ڪري رهيا آهن. ترقي بابت عالمي اداري جي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي تازي رپورٽ مطابق افعانستان ۾ سخت چيلنجز کي منهن ڏيڻ باوجود عو??تن جي انتظام هيٺ ڪاروبار نه رڳو صنف نازڪ لاءِ ڪمائڻ جا موقعا ??يدا ڪري رهيا آهن پر انهن ڏکين حالتن ۾ اقتصادي استحڪام ۽ اميد جي اهم ستون طور تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن يو اين ڊي پي جي ايشيا ۽ پيسيفڪ جي علائقائي ڊائري??ٽر ڪاني وگناراجا جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ گذريل 3 سالن دوران جمع ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪاروباري عورتون انتهائي سنگين حالتن ۾ ناقابل يقين حوصلي ۽ دليري سان عو??تن لاءِ نوڪرين جا وسيلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيون. جاچ مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته افغانستان جي عو??تن کي ڪاروبار ڪندي ڪيترن ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
افغان عورتون واپاري ڏکيائين باوجود مستحڪم، ٻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری