رياض-14 ڊسمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي سياحت واري وزير احمد الخطيب چيو آهي ته رياض ۾ ايڪسپو 2030ع جي ميزباني دوران سعودي عرب روزگار جا اڍائي لک موقعا فراهم ڪندو. ليبر مارڪيٽ جي عالمي ڪانفرنس جي م??قع?? تي ڳالهائيندي ه?? چيو ته سعودي عرب ايڪسپو 2030ع جي م??قع?? تي هڪ هزار هوٽل جا ڪمرا فراهم ڪندو، سعودي عرب 2019ع ۾ سياحت جي قومي حڪمت عملي متعارف ڪرائي چڪو آهي جنهن هيٺ سياحت مان قومي پيداوار ۾ ٽيڻ کان ڏهوڻ سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو. 2030ع تائين 10 لک اضافي آساميون پيدا ڪرڻيون پونديون، ه?? چيو ته 2030ع تائين عالمي آبادي 8.5 ارب تائين پهچي ويندي، خدمتن کي ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ليبر مارڪيٽ پڻ شامل آهي. ه?? چيو ته سياحت جو شعبو عالمي ليبر مارڪيٽ جو 10 سيڪڙو آهي، ان مارڪيٽ ذريعي 2019ع ۾ 330 ملين ماڻهن کي روزگار مليو هو. مستقبل ۾ روزگار جي م??قع?? ۾ اضافي جو امڪان آهي.
سعودي عرب ايڪسپو 2030ع جي ميزباني دوران روزگار جا اڍائي لک موقعا فراهم ڪندو: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے