اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين مذمتي واڪ ٿي جنهن جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? ڪئي. واڪ ۾ ڪشمير معا??لن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، قومي سلامتي واري خاص معاون معيد ??وسف پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ کان صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعطم سيڪريٽريٽ کان ڊي چوڪ تائين ان مذمتي واڪ جي قيادت صدر عارف علو?? ڪئي. واڪ دوران مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. واڪ ۾ سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ