اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي يون??ور??ٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يون??ور??ٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يون??ور??ٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي يون??ور??ٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي يون??ور??ٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تع??يم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي يون??ور??ٽي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تع??يم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تع??يم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.
صدر عارف علوي جي صدارت ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون