اسلام آباد – 04 جون (ا?? پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ جي اقتصادي اوسر جي شرح ۾ اضافو، روزگار جي فراهمي ??ا موقعا وڌائڻ،غربت جي خاتمي ۽ عام ماڻهو جي حالت کي بهتر بڻائڻ جا قدم مستقبل جي حڪومتي حڪمت عملي جو حصو هوندا. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت سول ملازمن لاءِ بهتر پئڪيج ڏنو آهي ۽ 2 اي??هاڪ رليف پگهار ۾ ضم ڪري ان تي 10 سيڪڙو اي??هاڪ رليف ڏنو آهي جيڪو مجموعي طور تي اٽڪل 13 سيڪڙو ٿئي ٿو. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مجموعي قوم?? پيداوار (جي ڊ?? پي) جي هڪ سيڪڙو تائين گهٽ ڪيوويو آهي ۽ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، 5 وڏن اي??سپورٽ شعبن لاءِ ٽيڪس جي شرح کي زيرو ريٽيڊ ڪيو ويو آهي، 30 اپريل 2016ع تائين جي ريفنڊز جي بق??يا??ن جي ادائيگي کي 31 آگسٽ تائين يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته صنعتي شعبي لاءِ مشينري ۽ ڪچي تيل جي آمدني واپار تي لاڳو ڊيوٽي 3 سيڪڙو گهٽ ڪئي ويندي.
اقتصادي اوسر جي شرح ۾ اضافو، حڪومتي حڪمت عملي جو حصو هوندا: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی