اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح لا??ِ سڄي دنيا جي حڪومتن کي ايندڙ 10 سالن دوران 30 کرب ڊالر جا اضافي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، پراپرٽي ??يڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن کي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي رپورٽ مطابق اهي وسيلا تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهن. آئي ايم ايف تجويز پيش ڪئي آهي ته ا??افي وسيلن جي دستيابي لا??ِ مقامي سطح تي پراپرٽي ??يڪس کي اثرائتي طور لاڳو ڪرڻ جي قدمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آئي ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٽيڪسز جي شرح ۾ اضافي جي حوالي سان سڌاري سبب ڪجهه ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جن کان تحفظ لا??ِ سمورن شراڪتدارن جي صلاح سان قدم کڻڻا پوندا ۽ عوام کي به ا??تماد ۾ وٺڻو پوندو. پائيدار معاشي ترقي جي وسيلن ۾ اضافي جي سلسلي ۾ رئيل اسٽيٽ ٽيڪسز جو اثرائتو نفاذ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي قومي ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ بدران پراپرٽي ??يڪس جي موثر نفاذ سان نه رڳو ڪنهن قسم جي سياسي غير يقيني جي صورتحال کان بچي سگهجي ٿو پر مقامي سطح تي پراپرٽي ??يڪس جي وصولي ۽ ترقياتي مقصدن لا??ِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. آئي ايم ايف وڌيڪ چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس جو اثرائتو نفاذ مقامي حڪومتن جي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. جنهن سان مقامي حڪومتون شهري آبادين جي مسئلن جي خاتمي ۽ ترقياتي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ مطابق پراپرٽي ??يڪس جي اثرائتي نفاذ لا??ِ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جڏهن ته پاليسي ريفارمز به گهٽ آمدني وارن ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي آمدني وسيلن ۾ اضافي کي يقيني بڻائي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ مقامي سطح تي بنيادي ڍانچي جي ترقي سان زندگي جي معيار ۾ به ا??افو ٿيندو.
پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن جي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: آئي ايم ايف
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری