گڏيل قومون- 05 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي احيا لاءِ پنهنجي ح??ايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته امن ۽ سلامتيءَ جي ح??الي سان ان اداري جي ڪردار ۾ يو اين چارٽر ۽ ٺهرائن مطابق تڪرارن جي ??ياڪڙي سان پُرامن حل کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??قتي مستقل نمائندي عثمان جدون 193 ميمبرن واري جنرل اسيمبليءَ جي احيا جي ??وضوع تي بحث دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسيمبلي جي بنيادي ذميواري آهي ته هو امن ۽ سلامتيءَ جي ??هلوئن جيئن ماحول ۽ امن، عورتن، امن ۽ سلامتي ۽ امن، ترقي ۽ انساني ح??ن وچ ۾ تعلق تي پنهنجي توجهه ڏي. پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبليءَ جي عالمي نمائندگي جو واحد فورم هجڻ جي تصور کي اجاگر ڪندي واضح ڪيو ته ان اداري جو ڪم نقصانن ۽ خامين جي ??ويان اصل ۾ ڪجهه وڏن ملڪن جي انهن خواهشن ڪاربند آهن جيڪي ان اداري جي اختيار ۽ صلاحيت جي ??ڪمل استعمال ۾ رڪاوٽ آهن. هن تجويز پيش ڪئي ته جنرل اسيمبلي پنهنجي ??يصلن جي ساک وڌائڻ لاءِ پنهنجي ??هرائن تي عملدرآمد جي ??گراني ڪرڻ لاءِ مخصوص طريقيڪار واضح ڪري. ان سلسلي ۾ اولين قدم طور تي سيڪريٽريٽ مان درخواست ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ خاص وقت اندر، جنرل اسيمبليءَ جي ??هرائن تي عملدرآمد جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪري. هن سلامتي ڪائونسل طرفان چيپٽر 7 تحت منظور ڪيل ٺهرائن جا عالمي اصول بنائڻ لاءِ و??ندڙ استعمال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل جامع جمهوري تصور جي خلاف آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪس، ترقي ۽ـ ماحوليات جي ح??الي سان مستقبل جي ??عاهدن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي سمورن ميمبر ملڪن جي شرڪت لاءِ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو.
يو اين چارٽر ۽ ٺهرائن مطابق تڪرارن جي ٽياڪڙيءَ سان پُرامن حل کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa