لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي
جوڙي ڇڏي ??زيراعظم آفيس مان جاري بيان مطابق ڪميٽي ۾ نائب
وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثنا الله خا??، سينيٽر عرفان صديقي شامل هوندا.
ڪميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر خا??د مقبول صديقي، عليم خا?? ۽
چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. گذريل رات تحريڪ انصا?? جي چيئرمين
بئرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا
ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، بئرسٽر گوهر تحريڪ انصاف سان ڳالهين
جي آڇ تي زور ڀريو هو. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر
جي تجويز مڃيندي حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مف??د کي
مٿانهون رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر جي ڪوشش کي ساراهيان ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل