اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته کا??رو تيل جي مقامي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائليٽ منصوبا ضروري آهن، کا??رو تيل جي امپورٽ تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ??هي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستا?? بناسپتي مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. وفاقي وزير وفد کي کا??رو تيل جي پاليسي لاءِ تجويزون ٻن کان ٽن ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير وفد کي انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان ڊيوٽي ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهين جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان چيو ته چانور جي بوسي مان تيل ڪڍڻ لاءِ منصوبه به غور هيٺ آهي، کا??رو تيل جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي. هن چيو ته کا??رو تيل جي صنعت کي درپيش چئلينجز تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي ??هي.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب