اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزارت سامونڊي معاملن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سامونڊي ۽ بندرگاهن جي قانونن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي?? 12 ??رب روپين جي گڊاڻي پر??جيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جو شاندار استقبال ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن سامهون اهم قدمن ۽ اسٽريٽجڪ منصوبن تي روشني وڌي جن جو مقصد پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي اڳتي وڌائڻ آهي. ورڪشاپ ۾ پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن، صحافين، پارليامينٽ جي ميمبرن، واپاري برادري ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي وفد جي قيادت ريئر ايڊمرل اظهر م??مود، ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ڪري رهيو هو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ وفاقي وزير پاڪستان ميري ٽائيم سيڪٽر جي وڌندڙ اهميت ۽ ملڪ جي معاشي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن ميري ٽائيم ڊومين جي اندر موجود چئلينجن ۽ موقعن کي تسليم ڪيو ۽ علائقائي تعاون کي وڌائ?? ۽ ??المي واپاري لاءِ محفوظ ۽ پائيدار سامونڊي روٽس کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪ??مت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو بحري شعبو خاص طور تي بنيادي ڍانچي جي اهم منصوبن ۽ پاليسي سڌارن ذريعي ملڪ جي اقتصادي ترقي، روزگار جا موقعا پيدا ڪر?? ۽ ??المي واپاري رابطن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪراچي ۽ گوادر وچ ۾ جاري ريل ۽ روڊ ڪنيڪٽويٽي اپ گريڊيشن تي زور ڀريو جيڪو اندروني رابطن کي وڌائ?? ۽ ??نا ڪنهن رڪاوٽ جي واپار جي حمايت لاءِ آهم آهن. هن ٻڌايو ته 12ا رب روپين جي گڊاڻي پر??جيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.
ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي: قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado