اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي معاشري جي ترقيءَ جو راز آهي، اڄ اُسرندڙ ملڪ اُهي ئي آهن جن سڀ کان پهرين پنهنجي نصاب کي ريفارم ڪيو، ڊجيٽل تعليم کي هٿي ڏني آهي ته جيئن ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي، مستقبل کي سنوارڻ لاءِ موجوده تعليمي نصاب جو جائزو وٺي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي کي ان ۾ ??ام?? ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نصاب سمٽ 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته صوبن، سمورين ڌُرين، ڊولپمينٽ پارٽنرز ۽ نصاب جي ماهرن سان گڏ 6 مهينن اندر نصاب جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. 18-2013ع ۾ اسا?? جي حڪومت هئي، ان وقت منصوبا بندي وزارت چار منصوبا تعليم واري وزارت کان گُهريا هئ??. هن چيو ته تعليم ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي معاشري جي ترقيءَ جو راز آهي، هن دؤر ۾ علم جي طاقت ترقيءَ جي ضمانت آهي، ان دؤر ۾ ڪوبه ملڪ تعميراتي ڪم ۾، پل بڻائڻ، انفراسٽرڪچر سان نه پر اعليٰ صلاحيت جي تعليم يافته شهرين سان ترقي ڪندو، اهي اعليٰ ذهن رکندڙ ملڪ کي بلندين تائين پهچائيندا. احسن اقبال چيو ته اسان اڄ تائين ڪشمڪش جا شڪار آهيون ته تعليمي نظام اردو ميڊيم هئڻ گهرجي يا انگلش ميڊيم، منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته اسان کي ٻنهي ٻولين ۾ ذهين ٻار گهرجن، عالمي طور تي به اسان کي ٻارن کي تيار ڪرڻو آهي، اردو ان لاءِ ضروري آهي ته ٻار صرف رٽو نه لڳائين پر سوچ ۽ فڪر سان نصاب کي سمجهن، مان اميد ٿو ڪريان ته اوهان سڀ ماهر ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اسا?? جي مدد ڪندا. احسن اقبال چيو ته اڄ اسان کي جنهن سولائزيشن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان جو بنيادي ڪارڻ ان سوچ جو آهي جنهن کان اسان تمام پري ٿي چڪا آهيون، قرآن مجيد ڪيئي ڀيرا هن ڪائنات کي مطالعي ڪرڻ لاءِ چيو، ان ۾ عقل ۽ بصيرت وارن لاءِ نشانيون آهن، اسان مسلما?? جي حيثيت سان ان بنيادي تعليم کي ڇڏي ڏنو ۽ غير مسلمانن ان کي اختيار ڪري ورتو. هن چيو ته الله تعاليٰ چيو آهي ته سج ۽ چنڊ اوهان لاءِ مسخر ڪيا ان تي چين، روس ۽ آمريڪا عمل ڪيو ۽ مسلمانن ڇڏي ڏنو. وفاقي وزير چيو ته نصاب ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي هئڻ گهرجي، ٻارن کي صحيح رستن تي هلڻ جو طريقو، سول رائٽس جي حوالي سان معاشري ۾ رهڻ جي اصولن کي نصاب ۾ ??ام?? ڪرڻ گهرجي، ٻارن ۾ شهريت جي اصولن ۽ معاشري ۾ عدم برداشت کي ختم ڪرڻ جون صلاحيتن پيدا ڪرڻ ضروري آهي، اڄ جي دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج غلط ڄاڻ آهي، ان غلط ڄاڻ ک?? مُنهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هوشيار ذهنن کي ان قابل بڻائڻو آهي ته اهي سُٺي ۽ بُري جي تميز ڪري سگهن. احسن اقبال چيو ته اڄ سياست کي به سوشل ميڊيا ڊرامو بڻائي ڇڏيو آهي، اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ حقيقت پسندي جو شعور پيدا ڪرڻ آهي، چين پنهنجن ٻارن کي سيکاري ڇڏيو آهي ته ملڪ جي ترقي جو راز استحڪام، پاليسي?? جي تسلسل ۽ امن ۾ آهي، اسان کي اڄ جي دؤر جي سمورن چئلينجز لاءِ ٻار?? جي ذهنن کي تيار ڪرڻو آهي. اسا?? جي پوري ڪوشش آهي ته هڪ ??هڙو نصاب آڻيو?? جيڪو ڄاڻ سان معاشري جي سمورن هاڪاري رُخن جو احاطو ڪري، استاد?? جي تربيت لاءِ به اسان کي هڪ ??هڙو ادارو بڻائڻو آهي جيڪو دنيا لاءِ رول ماڊل هجي، اسان کي پنهنجي امتحاني نظام کي دُرست ڪرڻو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اوهان سڀني جي سهڪار سان اسان هڪ ??هڙو نصاب بڻائڻ ۾ ڪامياب وينداسي?? جيڪو معاشري جي سمورن رُخن جو احاطو ڪندو جيڪو نوجوان نسل کي هاڪاري سوچ سان گڏ اڳيان وڌڻ جو سبق ڏيندو. اسا?? جي ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي، ج?? جي عمر 14 سالن کان گهٽ آهن. احسن اقبال چيو ته ڊجيٽل تعليم کي هٿي ڏيڻي آهي ته جيئن ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي، مستقبل کي سنوارڻ لاءِ موجوده تعليمي نصاب جو جائزو وٺي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي کي ان ۾ ??ام?? ڪرڻو پوندو.
مستقبل کي سنوارڻ لاءِ موجوده تعليمي نصاب جو جائزو وٺي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي کي ان ۾ شامل ڪرڻو پوندو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا