اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته اسان کي گڏجي پوليو ??هڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پوليو ??وور سائيٽ بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جو نمائندو ڪرسٽوفر ايلياس، صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف روزا جو ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪارا، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرويوينشن جي ڊپٽي ڊائريٽر اينڊريا فرسٽڊٽ، روٽري فائونڊيشن جو ٽرسٽي ۽ نيشنل چيئر عزيز ميمڻ، ڪنگ سلمان هيومنٽرين اينڊ ريليف سينٽر جو ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ ڪي ايس ريليف جو هيلٿ ۽ انوائرمنٽل ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالله صالح شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ۽ پولي?? جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي وفد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڪنگ سلمان فائونڊيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري فائونڊيسن، يونيسيف ۽ سي ڊي سي جا ٿورا مڃيا جيڪي پولي?? جي خاتمي واري مهم ۾ پاڪستان حڪومت سان شريڪ آهن، انهن سمورين تنظيمن جو ??رد??ر پولي?? جي خاتمي واري مهم ۾ عالمي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ??ه اسان کي گڏجي پوليو ??هڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعطم چيو ??ه جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سک سان نه ويهنداسين، پولي?? جي خاتمي جي حوالي سان سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو ??هي ۽ وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي پولي?? جي خاتمي جي خلاف قدم کڻي رهيا آهن. وزيراعظم پولي?? جي خاتمي جي حوالي سان سمورن وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفد پولي?? جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس چيو ??ه پاڪستان جي پولي?? جي خاتمي جي موجوده حڪمت عملي تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ٿي رهيو ??هي جنهن جا نتيجا ميڪرو سطح تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جلد ئي پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ??ه صحت جي حوالي سان خطي جي م??ڪن کي رابطا بهتر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات م پولي?? جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ??ه وزيراعظم جي هدايت تي تازو ئي ٿيندڙ پولي?? جي خاتمي واري مهم دوران قومي صحت واري وزارت ۽ پولي?? جي خاتمي واري پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن پوليو کان متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه وزيراعظم جي هدايت تي تازو پولي?? جي خاتمي واري مهم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وئي آهي، جن ٻارن ۾ پولي?? جي سُڃاڻپ ٿي آهي انهن جي سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پوليو ??و ڦهلاءُ گهٽ آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پولي?? جي خاتمي واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد