اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي مدد جي فراهميءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سينيئر ڊائريڪٽر طارق ايڇ نيازي ڪئي. ان موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ ج?? پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر اينافن ۽ ان ج?? ٽيم به موجود هئي. ملاقات دوران طارق ايڇ نيازي ناڻي واري وزير کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي عوامي شعبي جي انتظام ۽ بهتر حڪمراني لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قدمن جو مقصد ڪلي معيشت ۽ مالياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيوته بئنڪ اُسرندڙ ملڪن ک?? پاليسي ۽ اداره جاتي ص??احيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ تحت پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ منصوبا غور هيٺ آهن. ان منصوبن ۾ ??اص طور ت?? پاليسي ۽ انتظامي سڌارا، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، عوامي ۽ نجي حصيدارين، موسمياتي تبديلي، پاليسيءَ تي ٻَڌل ضمانتون، مالي ۽ بجيٽ جي معاونت، غربت جي خاتمي لاءِ امداد ۽ پينشن سڌارن جي لاءِ فني معاونت شامل آهي. ناڻي واري وز??ر بئنڪ طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل مالي ۽ فني معاونت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته بئنڪ جي سهڪار جي شعب?? پاڪستان جي ترقي جي ضرورت سان هم آهنگ آهن. هن بئنڪ طرفان موسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ حڪومت ۽ پينشن سڌارن جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ ۾ معاونت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي ۽ فني معاونت جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ