اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي سهڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا خوشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آه??. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آه?? ۽ ان جي استحڪام ۽ ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آه??. بچاءَ واري وزير ا?? ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي پيداوار سم??ت سم??رن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آه??. معزز مهمان نيڪ تمنائن لاءِ وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بچاءَ سم??ت گڏيل دلچسپيءَ جي سم??رن معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪ??مت جي عزم کان آگاهه ڪيو. زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا آه??. هن زمبابوي سان سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظها?? ڪيو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي سهڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظها?? ڪيو ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظها?? ڪيو.
دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ۽ زمبابوي جي سفير جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo