اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آم??يڪ?? جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئ??. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آم??يڪ?? ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئ?? وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ?? آم??يڪ?? جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب سياسي معاملن بابت آم??يڪ?? جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ??ان ملاقات ڪئ??. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئ??. وقتي انڊر سيڪريٽري آم??يڪ?? ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آم??يڪ?? جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات