اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه يومِ دفاع ۽ شهداء پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ جوش سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات بحريه جي مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائن سان ٿي. ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پي?? ڪيو جن دشمن جي کلي جارحيت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. هي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحا?? ۽ ??رباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي. هي يادگار ڏينهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي رشتي جي به علامت آهي. نيول چيف پنهنجي بحري محافظن جي نمايان ۽ لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پي?? ڪيو. نيول چيف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحدن جي دفاع ۽ سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي نيول هيڊ ??وا??ٽرز اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. مختلف فيلڊ ڪمانڊ هيڊ ??وا??ٽرز ۾ به شهيدن جي يادگارن تي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. بحريه جي س??ور?? يونٽن ۽ ٺڪاڻن تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون ٿيون. ان موقعي تي پاڪ بحريه جا سمورا جهاز ۽ يونٽس بحريه جي روايتن موجب سينگاريا ويا هئا.
6 سيپٽمبر مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي: نيول چيف
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa